گهوٽڪي (ن پ ا) گهوٽڪي جِي عدالت، ڪارنهن جِي تهمت مڙهي پنهنجي ڀائــٽِي کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار علي گل ميربحر کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جِي سزا ٻڌائي ڇڏي، 6 سال اڳ جوابدار علي گل مير بحر ڪارنهن جِي الزام هيٺ عورت زينب مير بحر کي قتل ڪيو هو، عدالت غير قانوني هٿيار رکڻ واري ڪيس  جوابدار کي 7 سال قيد جي به سزا ٻڌائي.