گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ نباھو گھوٽو ۾ گھوٽا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾  پراڻي ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾  صاحب گهوٽو زخمي ٿي پيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي  کي اسپتال  پھچايو، ان حوالي سان  زخمي صاحب گهوٽو جي ڀاءُ  ولي محمد گھوٽو   ٻڌايو ته جوابدار   اسان جي گھرن تي ھٿيارن سان حملو ڪري فائرنگ ڪري صاحب گهوٽو کي زخمي ڪرڻ بعد جوابدار فرار ٿي ويا.