گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي ڀرسان ڀيا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران ڏنڊا ۽ ٺونشا لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمال الدين ڀيو ۾ ڀيا برادريءَ جي ٻن  ڌرين ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران لٺيون ۽ ٺونشا لڳڻ سبب هڪ ڄڻو آصف علي ڀيو فوت ٿي ويو. اطلاع تي عادلپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو. پوليس موجب ڀيا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالھه تان جهيڙو ٿيو آهي. معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته ڳوٺاڻو ڪيئن فوت ٿيو. فوتي جي وارثن موجب صدورو ڀيو، فريد ڀيو، ميرڻ ڀيو ۽ ٻين گهر تي حملو ڪري آصف علي کي قتل ڪيو آهي. آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.