گهوٽڪي/ ڏهرڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ/ اعظم سهرياڻي) گهوٽڪي پوليس سيوهڻ ۾ قلندر لعل شهباز جي درگاهه تي حاضري ڀري واپس ايندڙ رهڙڪي واسي ٻن ڀائرن سميت 5 ڄڻن کي مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيو. پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، واقعي جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل. تفصيل موجب گذريل رات دير سان گهوٽڪي ڀرسان قادرپور لنڪ روڊ تي اي سيڪشن پوليس رهڙڪي واسي ٻن سڳن ڀائرن سچل ۽ اختيار احمد سولنگي، باگو ڊھو واسي ڪجلو چاچڙ، ميرپورماٿيلو واسي ٽيڪسي ڊرائيور عرفان علي ڇڄڻ ۽ ڳڙهي ياسين جي رهواسي اڪبر ڪلهوڙي کي ڌاڙيل ڄاڻائي ماري ڇڏيو. ان حوالي سان ڄاڻ ملي آهي ته ڄاڻايل نوجوان سيوهڻ ۾ حضرت لال شهباز قلندر جي مزار تي حاضري بعد واپس رهڙڪي اچي رهيا هئا ته رات ساڍي 3 وڳي ڌاري واقعو پيش آيو. ان سلسلي ۾  ايس ايچ او اي سيڪشن گهوٽڪي ايوب ڊوگر جي دعويٰ موجب ڏوهارين سان ٿيل پوليس مقابلي ۾ گهوٽڪي اي سيڪشن، بي سيڪشن، ڪچوٻنڊي ون، ٽو، عادلپور ۽ گيمڙو ٿاڻي جي پوليس حصو ورتو. واقعي بعد مارجي ويلن جا لاش سول اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪري پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس موجب مقابلي ۾ مارجي ويل ڪجلو چاچڙ مٿان ضلعي جي مختلف ٿاڻي تي پوليس مقابلن، ڦر ۽ ٻين ڏوهن جا 21 ڪيس داخل ٿيل آهن. ڳڙهي ياسين واسي علي اڪبر ڪلهوڙو سکر، پنوعاقل ۽ دادلوءِ ٿاڻن تي مختلف ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو. رهڙڪي واسي سچل سولنگي مٿان ڏهرڪي ۽ اي سيڪشن گهوٽڪي ٿاڻي تي 2 ڪيس داخل ٿيل آهن. جڏهن ته اختيار احمد سولنگي ۽ ميرپور ماٿيلو واسي عرفان ڇڄڻ مٿان ڪوبه ڪيس داخل ٿيل ناهي. هوڏانهن مارجي ويل 5 ڄڻن مٿان سرڪار جي فرياد تي گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي پوليس مقابلي جا ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.