گهوٽڪي پوليس ڪشمور واسي مبينا ڏوهاري کي کنڀي فل فراءِ ڪري ڇڏيو

0
249
گھوٽڪي پوليس ھٿان فل فراءِ ٿيل ڌاڙيل

گهوٽڪي جي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ڪشمور واسي مبينا ڏوهاري کي کنڀي فل فراءِ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گذريل ڏينهن جوابدار کي کنڀڻ واري وڊيو به سامهون اچي وئي آهي

پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته جاڙي واهه وٽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هٿياربندن پوليس موبائيل تي فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ هڪ هٿياربند  مارجي ويو، جنهن جي ڪشمور واسي مجيد شر طور سڃاڻپ ٿي آهي

ٻئي پاسي پوليس هٿان فل فراءِ ٿيل مجيد شر کي گذريل ڏينهن کنڀڻ واري مبينا وڊيو سامهون اچي وئي آهي

مدد علي شر الزام هنيو آهي ته پوليس پٽ کي گذريل ڏينهن ڪشمور مان رحيم بخش مزاري سميت کنڀي فل فراءِ ڪري ڇڏيو