گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او موجب ته ڳجھي اطلاع تي پوليس نفري ساڻ ڪري شيلٽن هوٽل باءِ پاس تان ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ قتل ۽ اغوا جي ڪيسن ۾ گهربل روپوش جوابدار محمد اسلم نصيراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب ته گرفتار جوابدار مٿان اغوا ۽ قتل جو ڪيس داخل ٿيل آهي.