گهوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي پوليس ٻن ڄڻن کي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. نوشهرو فيروز جي اڳوٺ ڪلو جو رهواسي عزيز الله ڪلو ۽ لاڙڪاڻو جي ڳوٺ مير خان گبول جو رهواسي علي حسن گبول عورتاڻي آواز تي هرکجي گيمڙو جي ڪچي واري علائقي ۾ وڃي رهيا هئا ته بي سيڪشن گهوٽڪي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي کين اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. بي سيڪشن گهوٽڪي پوليس موجب اغوا ٿيڻ کان بچي ويل نوشهرو فيروز واسي عزيز الله ڪلو ۽ لاڙڪاڻو جي ڳوٺ مير خان گبول جو رهواسي علي حسن گبول ڪجهه مهينن کان رانگ نمبر تي عورتن سان ڳالهائيندا رهندا هئا. گذريل ڏينهن ساڻن ملڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته پوليس کين اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.