گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي پوليس جي يو آءِ جي يونين ڪائونسل حسين ٻيلي تي ضلعي ڪائونسل جي اميدوار مولانا بدرالدين گهوٽو کي چماٽون هڻي ساٿين سميت کنڀي وئي  جي يو آءِ اڳواڻ ۽ ڪارڪن ٿاڻي آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. جمعيت علماءِ اسلام جي ضلعي امير مولانا محمد اسحاق لغاري، حافظ سراج احمد چنا، مولانا غلام رسول ڪلهوڙو، غلام مصطفيٰ کهاوڙ ۽ ٻين ٿاڻي آڏو احتجاج ڪندي چيو ته ايس ايچ او اي سيڪشن غلام عباس سندراڻي پ پ اڳواڻن جي ونگار وهندي جي يو آءِ جي نامزد ڪيل يونين ڪائونسل حسين ٻيلي جي ڪائونسلر واري اميدوار مولانا بدرالدين گهوٽو کي ساٿين سميت چماٽون هڻي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. ايس ايچ او غلام عباس چانڊيو کي هٽائڻ ۽ گرفتار ڪيل جي يو آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزاديءَ تائين احتجاج جاري رهندو. بعد ۾ ڊي ايس پي گهوٽڪي احتجاج واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي گهوٽڪي پوليس ٻڌايو ته رياض احمد گهوٽو، نصرالله گهوٽو، دين محمد گهوٽو، شاهد راجپوت مٿان ڦر جو ڪيس داخل ٿيل آهي، باقي مولانا بدرالدين گهوٽو کي گرفتار ناهي ڪيو.