گهوٽڪي پوليس جو ڪارنامو: ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ معذور اهلڪار ميدان تي لاهڻ جو انڪشاف

0
260
گهوٽڪي پوليس جو ڪارنامو: ڌاڙيلن

گهوٽڪي پوليس جو انوکو ڪارنامو سامهون آيو آهي، ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ معذور اهلڪارن کي اماڻڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ٽائيم نيوز کي مليل ڄاڻ موجب سنڌ پوليس گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن لاءِ 21 معذور  اهلڪارن کي  اماڻي ڇڏيو  هو

آپريشن لاءِ 2 ڏينهن اڳ ايس آر پي  مان 561 اهلڪارن کي گهوٽڪي،  ڪشمور ۽ شڪارپور ۾ بدلي ڪيو ويو

ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن لاءِ بدلي ڪيل اهلڪارن ۾ 21 معذور اهلڪار به شامل آهن، جن کي ڌاڙيلن سان ويڙهاند لاءِ ميدان تي لاٿو ويو آهي

سنڌ مان ڏوهه ختم ڪرائڻ جو مشن: حيدرآباد ۾ آءِ جي سربراهي ۾ اهم اجلاس

حيدرآباد ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ امن امان جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي

اجلاس ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ضلعن ۾ پوليس کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل بابت غور ويچار ڪيو ويو

آءِ جي سنڌ چيو ته هر سطح تي غير جانبداراڻا قدم پوليس جي ڏوهن خلاف يقيني ڪاميابي جي ضمانت آهن، منشيات ۽ نشي آور شيون معاشري جي لاءِ ناسور ۽ ڏوهن کي هٿي وٺرائڻ جو سبب بڻيل آهن

ھي به پڙھندا

پوليس اھلڪارکي شھيد ڪندڙ جوابدار بااثر شخصيت جو پٽ نڪتو