گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي پوليس هڪ ڀيرو ٻيهر پوليس لائين جا 70 کان وڌيڪ دڪان رات دير سان تالا هڻي بند ڪرائي ڇڏيا. متاثر دڪاندارن جو چوڻ آهي ته دڪان بند ڪري سندن پيٽ تي لت هنئي وئي آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي صحيح سان دڪاندارن ڏانهن نوٽيس جاري ڪندي ڄاڻايو ويو هو ته ڪورٽ سڳوري جي حڪمن بعد ڊي آءِ جي سکر جي هدايتن تي پوليس لائين جا دوڪان ٻن ڏينهن اندر بند ڪيا وڃن، ٻِي صورت ۾ پوليس پاڻ دڪان بند ڪرائيندي، ياد رهي ته ڄاڻايل دڪان پهريان به پوليس بند ڪرايا هئا، جيڪي هڪ سال کان هلندڙ هئا ته پوليس انهن کي ٻيهر بند ڪرائي ڇڏيو آهي. اهڙي صورتحال بعد دڪاندارن ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي.