گهوٽڪي: ٽائيم نيوز جي خبر جو نوٽيس، ڪارنهن معاملي جو جرڳو ڪرڻ جو 5 ڄڻن مٿان ڪيس داخل

0
386

گهوٽڪي: قادرپور ڀرسان ڳوٺ جانڻ واسو ۾ سڱ نه ڏيڻ ۽ ناري فهميده واسو جي شادي ٻئي نوجوان سان ڪرائڻ واري معاملي بعد ڪارنهن معاملي جي ٿيل جرڳي جو ڪيس جرڳو ڪندڙ سرپنچ بلاچ خان شاهاڻي، وڏيري امان اللّه واسو سميت 5 ڄڻن مٿان داخل ڪيو ويو. فريادي نظير احمد واسو ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ته علائقي جي بااثر وڏيري امان اللّه واسو ۽ ٻين بالاچ خان شاهاڻي جي رهائشگاه تي جرڳو ڪري 55 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو. فريادي نظير احمد واسو موجب ته فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪرڻ تي بااثر وڏيري امان اللّه واسو، حبيب اللّه واسو ۽ ٻين موتمار ڌمڪيون ڏنيون. واضح رهي ته سڱ نه ڏيڻ ۽ ناري فهميده واسو جي شادي ٻئي هنڌ ڪرائڻ واري معاملي بعد بالاچ خان شاهاڻي وٽ جرڳي بابت ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ جو ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي گهوٽڪي حافظ عبدالقادر چاچڙ کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو هو جنهن ٻنهي ڌرين جا بيان رڪارڊ ڪري اهڙي رپورٽ ايس ايس پي گهوٽڪي حوالي ڪئي هئي.