گهوٽڪي ويجهو ميلي تان واپس موٽندڙ 4 نينگر ۽ هڪ نوجوان اغوا

0
263
گهوٽڪي ويجهو ميلي

ڪراچي: گهوٽڪي ويجهو هٿياربندن ميلي تان واپس موٽندڙ 4 نينگرن ۽ هڪ نوجوان کي اغوا ڪري ورتو، ڳوٺ پنجو تڙت واسي نوجوان ۽ نينگر درگاھه جهانپور شريف جي ميلي تان واپس اچي رهيا هئا ته هٿياربندن کين اغوا ڪري ورتو

 اغوا ٿيلن ۾ 17 سالن جو شفيع محمد تڙت، 4 سالن جو صفيع الله، 12ورهين جو مختيار، 8 ورهين جو فيض محمد ۽ 9 ورهين جو ساجد تڙت شامل آهن

مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته 5 ئي ڄڻن کي ايم فائيو موٽروي جي 469 لوڪيشن وٽان اغوا ڪيو ويو، مغوين جون موٽرسائيڪلون ڪمند جي فصل مان هٿ آيون

ٻئي پاسي ڪنڌڪوٽ مان 2 مهينا اڳ اغوا ٿيل ڪراچي واسي 3 ڄڻا راونتي جي ڪچي واري علائقي مان بازياب ٿي ويا

 پوليس جو چوڻ آهي ته ڪراچي واسي حبيب الله پٺاڻ، غلام علي بلوچ ۽ عمران لاشاري کي بازياب ڪرايو ويو آهي، ٽنهي کي ڌاڙيل هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا، مقابلي بعد ٽنهي ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو

جڏهن ته غوثپور پوليس پاران مبينا پوليس مقابلي دوران ماريل ٻن نوجوانن اسد ۽ مير شيخ جي وارثن ۽ شهرين جو غوثپور کان ڪنڌڪوٽ تائين احتجاجي مارچ ڪيو ويو

ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين جو چوڻ آهي ته اسد ۽ مير شيخ کي پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي بي گناهه قتل ڪيو

مظاهرين موجب ڪوڙي مقابلي ۾ ملوث آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي تائين ڌرڻو جاري رهندو، ايس ايس پي عرفان سمون چيو آهي ته مظاهرين سان ڳالهيون ڪبيون، سندن جائز مطالبا مڃيا ويندا

هي به پڙهندا

ڪنب ۾ معصوم نياڻين جون اعتراض جوڳيون وڊيوز رڪارڊ ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيو

ڪراچي: عورت سنيتا تي تيزاب حملو، جوابدار گرفتار