گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪيءَ ويجهو زهريلي لسي پيئڻ سبب 6 عورتن سميت 11 ڄڻا بيهوش ٿي ويا. عادلپور  ڀرسان ڳوٺ جاني سھتو ۾ زهريلي لسي پيئڻ سبب احسان احمد سهتو، نويد احمد سهتو، سعيداحمد، ڀورل، نديم احمد سهتو، مسمات ثمينا خاتون، مائي عالمان، آمنه، مومل، رشيده بيهوش ٿي ويون، جن کي تعلقي اسپتال گھوٽڪي پھچايو ويو، جن مان 9 ڄڻن کي علاج ڪري هوش ۾آندو ويو، جڏهن ته ٻن عورتن مائي عالمان ۽ سندس ڌيءَ آمنه خاتون جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.