گهوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ابل ميربحر جي رهواسين عورتن ۽ مردن عبدالڪريم ميراڻي، مسمات حڪيمان خاتون ميراڻي، روبينا ميراڻي، وزيران ميراڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته نوجوان نديم ميراڻي کي قتل ڪرڻ بعد ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ڄاڻائي خون لوڙهيو پيو وڃي، احتجاج ڪندڙ ميراڻي برادري جي ماڻهن جو چوڻ هو ته نوجوان نديم ميراڻي جي قتل ڪيس ۾ وڏيرو ارباب ميراڻي، فرمان ميراڻي، ماجد ميراڻي ملوث آهن. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.