گهوٽڪي: قتل ثابت، هڪ جوابدار کي ڦاهي، ٻئي کي جنم ٽيپ

0
290
گهوٽڪي: قتل ثابت، هڪ

گهوٽڪي(ن پ ا) گهوٽڪي جي عدالت قتل ڪيس جو ٽن سالن بعد فيصل ٻڌائي ڇڏيو، عدالت هڪ جوابدار مٿان قتل ڪيس ثابت ٿيڻ تي ڦاهي ۽ ٻئي جوابدار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ مقتول پرويز ملهڻ قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران فريادي نديم ملهڻ جو وڪيل عبيد الله گهوٽو ۽ جوابدارن رحمان ملهڻ ۽ فهد ملھڻ جي وڪيلن صدام چند ۽ لياقت ملاڻو عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجا دليل مڪمل ڪيا.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد مقتول پرويز ملهڻ جو قتل ڪيس ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار عبدالرحمان ملهڻ کي ڦاهي ۽ 10 لک روپيا جڏهن ته ٻئي جوابدار فهد ملهڻ کي عمر قيد ۽ 5 لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته عبدالجبار ملهڻ مٿان ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت کيس باعزت بري ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته سال 2019 ۾ پرويز ملهڻ کي قتل ڪيو ويو هو جنهن جو قتل ڪيس سرحد ٿاڻي تي نديم ملهڻ جي فرياد تي عبدالرحمان ملهڻ فهد ملهڻ ۽ عبدالجبار ملهڻ مٿان داخل ڪيو ويو هو.