ميرپورماٿيلو (ن پ ا) جي ڊي اي اڳواڻ  ۽ ميونسپل ڪاميٽي ميرپورماٿيلو جي چيئرمين اميدوار چاڪرخان بوزدار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گھوٽڪي ضلعي ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ حڪومتي ڌر طرفان ڌانڌلين جي شروعات ڪئي وئي آھي، ھن چيو ته ائين ڪڏھن به ناھي ٿيو ته جنھن  گروپ جو ماڻھو  اليڪشن ۾ بيٺل ھجي ان جا مائٽ پرزائڊنگ آفيسر ھجي، اھا زيادتي آھي.