رائونتي: گهوٽڪي ضلعي هيڊڪوارٽر سميت مختلف شهرن ۾ ماڻهن کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ مسافر گاڏين ۾ پڙها ڏئي خبردار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميا جي هدايتن تي بس اسٽاپن ۽ مختلف لنڪ روڊ تي هٿ وارن لائوڊ اسپيڪرز تي اعلان ڪري ماڻهن کي خبردار ڪيو پيو وڃي ته ڪوبه ماڻهن سستين گاڏين، چوپائي مال خريدڻ يا شاديءَ جي دوکي ۾ نه اچي. جيڪڏهن اهڙو ڪو ماڻهن گاڏين ۾ موجود آهي ته اهو پوليس کي آگاهه ڪري.