گهوٽڪي: گهوٽڪي ضلعي جي 35 ڌاڙيلن مٿان 37 ڪروڙ رپيا انعام جي منظوري، ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير حسين تنيو جي سفارش تي جوڙيل ڪاميٽي منظوري ڏني. ڌاڙيل راحب شر، ڪراڙو شر، جانو انڍڙ، شهزادو دستي. مير جاگيراڻي سميت 35 ڏوهارين مٿان مجموعي طور 37 ڪروڙ رپين جي انعام رکڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو آءِ جي سنڌ کي گهوٽڪي ضلعي جي 35 بدنام ڌاڙيلن مٿان انعام جي سفارش ڪئي هئي.