گهوٽڪي (رپورٽر) ڪراچيءَ کان پشاور طرف ويندڙ عوامي ايڪسپريس مان گهوٽڪي ريلوي اسٽيشن تي مسافر  ٽرين مان ڪِري فوت ٿي ويو. اکين ڏٺن شاهدن موجب عوامي ايڪسپريس ٽرين گهوٽڪي ريلوي اسٽيشن تي رفتار گهٽائي ته مسافر هلندڙ ٽرين مان لهڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران ٽرين ھيٺان اچي ڪٽجي فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جو لاش ريلوي پوليس کڻائي سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو، جتي فوتي نوجوان جي سڄاڻپ رحيم يارخان واسي عمر فاروق طور ٿي. اطلاع تي وارث فوتيءَ جو لاش کڻائي رحيم يارخان روانا ٿي ويا.