ميرپورماٿيلو(ن پ ا) ويڪسينٽر ايسوسيئشن گھوٽڪي اڳواڻن سليمان پتافي، ذاڪر بوزدار، قلندر بخش پتافي ڊي ايچ او آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اي پي آءِ ضلعي گھوٽڪي جي لاءِ پي ڊي طرفان جاري ڪيل سالياني بجيٽ جيڪا 26 لک آھي، اھا بجٽ اي پي آءِ ۽ ويڪسينٽرن جي سھولتن لاءِ رکيل ھئي جيڪا ڊي ايڇ او ممتاز جکراڻي ھڙپ ڪئي آھي، جڏھن ته رڳو ٽي اي ڊي اي جي مد ۾ ويڪسينٽرن کي 5 لک جاري ڪيا ويا آھن،اسان کي حق نه ڏنا ويا ته 6 کان 10 جولاءِ تائين تعلقا اسپتالن ۾ ڪاريون ٻٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويندو، 12 جولاءِ تي ضلعي جا سمورن سينٽرن جي تالا بندي ڪري ڊي ايچ او آفيس ۾ ڌرڻو ھنيو ويندو.