ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تعليم کاتي گھوٽڪي جي ڊي او (سيميز اينڊ پلاننگ) غلام سرورکوکر تي ملير ڪورٽ ٻاهران تشدد واري معاملي جو ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم اوڍو نوٽيس وٺي ڊي آءِ او فداحسين لغاري کي معطل ڪري ڇڏيو،  واضح رهي ته ڊي او غلام سرور کوکر کي ملير ڪورٽ ۾ پيشي دوران پوليس گرفتار ڪري مٿس تشدد ڪيو هو، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو غلام سرور کوکر تي ڪراچي جي مبينه ٽائون، ميمڻ ڳوٺ ۽ شاهه فيصل ٿاڻن تي داخل 4 ڪيسن  توڙي تشدد واقعي جي جاچ لاءِ  ڊي آءِ جي اوڀر کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو آهي