گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي سول اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ برقرار آهي، اسپتال ۾ بسترن جي کوٽ سبب مريضن کي فرش تي سهماريو ويو آهي،ان ڏس ۾  سول اسپتال ۾ گيسٽرو جي 50 کان وڌيڪ مريضن کي داخل ڪيو ويو آهي، اسپتال ۾ بيڊ نه  هجڻ سبب مريضن کي اسپتال جي فرش تي سهماريو ويو آهي ۽ هڪ بيڊ تي 3 کان 4 مريضن کي سمهاريو ويو آهي، سول اسپتال ۾ داخل مريضن دوائون نه هجڻ جون دانهون ڪندي چيو آهي ته اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ آهي، دوائون به نه ٿيون ملن، سهولتون فراهم ڪيون وڃن.