گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي سول اسپتال ۾ تازو ڄاول ٻارڙو فوت، علاج نه ٿيڻ جو الزام، ان ڏس ۾ ماٿيلو مومل  جي ماڙي واسي تازي ڄاول ٻارڙي کي علاج لاء سول اسپتال گهوٽڪي ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي ٻارڙو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، ٻي طرف ٻارڙي جي وارثن ديدار علي موجب ته اسان ٻارڙي جي طبعيت خراب ٿيڻ سبب کيس سول اسپتال گهوٽڪي ۾ علاج لاء داخل ڪرايو، جتي بهتر علاج نه ٿيڻ سبب معصوم ٻارڙو فوت ٿيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مامري جي جاچ ڪرائي وڃي.