گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪيءَ ۾ رٿيل عورت مارچ بابت جاڳرتا مهم تيز، سرحد ۾ ساڃاھ وندن سان گڏجاڻي، پمفليٽ ورهايا ويا، سرحد واسين ڀرپور شرڪت جي خاطري ڪرائي ڇڏي. سرحد ۾ سنڌ سهائي آرگنائيزيشن  ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽيءَ جي سڏ تي سرحد پريس ڪلب ۾”گهوٽڪي عورت مارچ“جي سلسلي ۾ جاڳرتا گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو، رئوف پارس دايو، شهري اتحاد جو فقير ڪامل لکڻ، سڪندر اوڳاهي، راڻا راحت حسن، نور حسن ملڪ، ارشاد لکڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر عائشه حسن ڌاريجو ڳالهائيندي چيو ته 8 مارچ تي عورتن جي عالمي ڏهاڙي هن سال به گھوٽڪيءَ ۾ عورت آزادي مارچ جي حوالي سرڪٽ هائوس گهوٽڪي کان پريس ڪلب تائين شاندار ريلي ڪڍي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته  موجوده جديد دور ۾ به مذهب جي جبري تبديلي، ريپ، هراسمينٽ، ڪاروڪاري ۽ جبري شادين جا واقعا معمول بڻيل آهن. هن چيو ته گهوٽڪي سنڌ جي انهن ضلعن ۾ شامل آهي جتي عورت لاءِ گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي بندش آهي. هتي جديد دور ۾ به عورتون پٿر جي دور کان به بدتر زندگي بسر ڪري رهيون آهن. اهڙين مدي خارج رسمن مان آزادي ڏيارڻ لاءِ عورت آزادي مارچ ڪيو پيو وڃي، جنهن سان مظلوم عورتن کي اتساهه ملندو. ان موقعي تي پمفليٽ پڻ ورهايا ويا. آخر ۾ ڪنڌڪوٽ مان 20 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل 9 مهينن جي ڳورهاري نازيه کوسو ۽  سندس معصوم نياڻي ڪوثر جي بازيابيءَ لاءِ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.