گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگھڙ)گهوٽڪي ضلعي ۾ امن امان جي صورت حال ٻيهر خراب ٿي وئي، گهوٽڪي واسي 2 نوجوان پراسرار طور گم، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو. اي سيڪشن ٿاڻي تي اطلاع ڪيو ويو. ضلعي مان ٻن هفتن دوران اغوا ٿيلن جو تعداد 7 ٿي ويو. گهوٽڪي ڀرسان ماٿيلو مومل ماڙي ويجهو ڳوٺ گهرو مهر جا رهواسي اينگرو پاور پلانٽ ۾ ڊيوٽي ڪندڙ 2 نوجوان شوڪت علي مهر ۽ صدورو مهر گهران نڪرڻ بعد پراسرار طور لاپتا ٿي ويا، جن جا موبائيل نمبر پڻ مسلسل بند اچي رهيا آهن. ڄاڻايل نوجوانن جي وارثن ٻڍو مهر ۽ عبدالغفور گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائيندي ٻنهي ڄڻن جي اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي گهوٽڪي پوليس ٻڌايو ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته ٻنهي نوجوانن کي اغوا ڪيو ويو آهي يا ٻيو ڪو مسئلو آهي. واضح رهي ته گهوٽڪي ضلعي مان گذريل ٻن هفتن دوران اغوا ٿيلن جو تعداد 7 ٿي ويو آهي پر پوليس ڪنهن به مغوي کي به بازياب نه ڪرائي سگهي آهي.