گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪيءَ ڀرسان تيز رفتار ٽريڪٽر ٻن عورتن ۽ معصوم نينگر مٿان چڙهي ويو، نينگر چيڀاٽجي فوت، عورتون زخمي ٿي پيون. ڳوٺ مسو خان ڪلوڙ جون رهواسي مسمات شهميران خاتون چنا، پٺاڻي خاتون ۽ 6 سالن جو رازق علي چنا پيدل شهر طرف اچي رهيا هئا ته تيز رفتار ٽريڪٽر ٽنهي ڄڻن مٿان چڙهي ويو، نتيجي ۾ 6 سالن جو معصوم نينگر رازق ڏنو چنو موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته مسمات پٺاڻي ۽ شھميران سخت زخمي ٿي پيون. واقعي بعد حادثي واري هنڌ موجود ماڻهن معصوم نينگر جي لاش ۽ زخمي عورتن کي ڦٽي واري رڪشا تي کڻي سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو ويو. جڏهن ته ٽريڪٽر ڊرائيور ٽريڪٽر ٽرالي ڇڏي فرار ٿي ويو.