گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ) گهوٽڪيءَ ڀرسان ٻه ڏينهن اڳ ڪچو ٻنڊيءَ واري علائقي اغوا ڄاڻايل چار طالب صدام ڀيري، ڪليم الله اوڳائي، وسيم چاچڙ ۽ سعيد احمد چاچڙ بازياب ٿي گهر پهچي ويا. ان سلسلي ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته گهوٽڪيءَ ڀرسان ڪچو ٻنڊي ون ٿاڻي جي حد ڳوٺ رئيس محمد ابراهيم چاچڙ ڀرسان مدرسي ۾ ديني تعليم حاصل ڪندڙ چئن طالبن کي ٻه ڏينهن اڳ رستي ويندي هٿياربند اغوا ڪري کڻي ويا هئا. ان حوالي علائقي جي معزز ظهور احمد چاچڙ موجب ته مدرسي ۾ پڙهندڙ چئني طالبن صدام ڀيري، ڪليم الله اوڳائي، وسيم ۽ سعيد احمد چاچڙ کي رستي مان اغوا ڪيو ويو هو. راڄوڻي ڪوششن بعد ڌاڙيلن چئني شاگردن کي آزاد ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ڪچو ٻنڊي ون ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته مدرسي جي طالبن کي بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.