گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي شهر مان پيرسن پرسرار طور گم، وارث پريشان، ڳولا ۾ مدد جي اپيل. گهوٽڪي شهر جي رحموالي محلي جو رهواسي پيرسن محمد انور سومرو گهران نڪرڻ بعد پرسرار طور گم ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ پيرسن جي وارثن جو چوڻ آهي ته گم ٿيل پيرسن جي ڪافي ڳولا ڪئي پر  ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. گهوٽڪي پوليس کي به اطلاع ڪيو آهي. وارثن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن  کي  اپيل ڪئي پيرسن جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.