اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جڏهن گهر ۾ ڌاڙو لڳي ته ڇا چوڪيدار نيوٽرل رهي سگهي ٿو؟ مون ۽ شوڪت ترين نيوٽرلز کي سمجهايو ته ملڪ سياسي عدم استحڪام جي سٽ نه سهي سگهندو، سازش کي روڪيو، هاڻي پاڪستان اهڙي ٻه واٽي تي بيٺل آهي، جنهن ۾ اوهان کي ڪنهن هڪ پاسي وڃڻو آهي، جتي نيوٽرل گيئر نڪري چڪو آهي،فيصلو ڪرڻو آهي ته هن ملڪ کي هي جنهن طرف وٺي وڃي رهيا آهن ان کان ڪيئن بچائي سگهجي ٿو، هن حڪومت کي ڪڏهن تسليم نه ڪندس، رجيم چينج سيمينار کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته هي چون ٿا ته عمران خان پنهنجو آرمي چيف مقرر ڪندو، مون ڪڏهن به نه سوچيو هو ته نومبر ۾ ڪنهن کي آرمي چيف لڳائڻو آهي، سوچيو هو ته نومبر آيو ته ميرٽ تي آرمي چيف لڳايو ويندو، پ پ ۽ نواز ليگ کي خوف ورايو ته آئون جنرل فيض کي آرمي چيف لڳائڻ گهران ٿو ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته سندن مستقبل تباهه ٿي ويندو، کين فوج ۽ آءِ ايس آءِ کان خوف ٿيندو آهي، هنن کي خوف هوندو آهي ته سندن چوري پڪڙي ويندي، مون کي پنهنجو آرمي چيف لڳائڻ جي ضرورت ئي نه هئي، فوج ۾ميرٽ هوندي ته ادارو وڌيڪ سگهارو ٿيندو، نواز شريف پنهنجي پسند جو آرمي چيف آندو هو، مون کي پنهنجي چوري ناهي بچائڻي ان ڪري مون سوچيو به نه هو ته پنهنجو آرمي چيف آڻيندس، عمران خان چيو ته سازش جي اڳواٽ خبر پئجي وئي هئي، تصور ۾ به نه هو ته ڪوئي شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائي ڇڏيندو، نيوٽرلز کي چيو هو ته هن تي 16 ارب جا ڪيسز آهن، ٻئي ملڪ ۾ هجي ها ته جيل ۾ هجي ها، هي سيٽ اپ پاڪستان جي تباهي آهي، هن سيٽ اپ کي ملڪ تي مڙهڻ لاءِ ملڪ جا سمورا ادارا تباهه ڪرڻا پوندا، پارليامينٽ جي تباهي ٿيندي، راجا رياض اپوزيشن ليڊر هجي ته سوچيو ان پارليامينٽ جي ڇا اهيمت هوندي، اليڪشن ڪميشن جي ساک ختم ٿي چڪي آهي، عمران خان چيو ته مان تصور ڪريان ٿو ته مفتاح اسماعيل اتي وڃي ڪري پير پڪڙي ويٺو هوندو ته اوهان جا جوتا پالش ڪريان ٿو، چئو ته شهباز شريف کي به گهرايان، اهو وڌيڪ سٺي طرح پالش ڪندو آهي،  آمريڪي پنهنجي مفادن لاءِ ٻين ملڪن ۾ حڪومتون تبديل ڪندو رهندو آهي، ڇا اسان آمريڪا کي پنهنجا اڏا ڏئي ڇڏيون؟ وزيرستان ۾ جڏهن فوج اماڻي وئي هئي ته مون مخالفت ڪئي هئي، جتي هڪ فوجي يا چوڪي نه هئي اتي فوج موڪلي ظلم ڪيو ويو، ڪابه غيرتمند قوم غلامي قبول ناهي ڪندي، پر هتي چون ٿا ته اهڙا خط ايندا رهندا آهن، اڳتي اهڙو خط موڪلڻ جي ڪوئي همت نه ڪندو، عمران خان چيو ته اسان جي ٽن سالن ۾ به ايتري مهانگائي نه هئي جيتري هاڻي آهي، آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ ته اسان به هئاسين.