گهر ۾ نظربند شهري زال کان تنگ ٿي ٿاڻي پهچي ويو

0
264

روم(دلچسپ نيوز) گهر ۾ نظربند شهري زال کان تنگ ٿي ٿاڻي پهچي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اٽلي ۾ منشيات ڪيس ۾ سزا طور شهري کي گهر ۾ نظربند ڪيو ويو، شهري ڪجهه ڏينهن گهر ۾ رهڻ بعد ڀڄي پوليس اسٽيشن پهچي ويو جٿي هن پوليس وٽ بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته زال مان تنگ اچي ويوآهيان انڪري نظربندي جا باقي رهيل ڏينهن جيل ۾ گذارڻ چاهيان ٿو.

پوليس موجب اهو شهري منشيات ڪيس ۾ گهر اندر نظربندي واري سزا ڪاتي رهيو آهي ۽ هاڻي سندس سزا جا باقي ڪجهه سال بچيا آهن. پوليس موجب سندس بيان بعد کيس جيل اماڻيو ويو آهي.