لنڊن (دلچسپ نيوز) هڪ گهر جي باورچي خاني ۾ سالن کان پيل زبون ڪٽلي حقيقت ۾چيني دور جي هڪ شاهڪار نشاني نڪتي ۽ ان کي 10 لک برطانوي پائونڊ ۾ وڪرو ڪيو ويو جنهن جي پاڪستاني روپين ۾ قيمت 18 ڪروڙ روپيه بڻجي ٿي.حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته ان ڪٽلي جو مالڪ پاڻ ان جي اهميت کان آگاهه نه هو پر ان هڪ ماهر لي ينگ کي اها ڪٽلي پيش ڪئي جيڪا برطانوي شهر ڊورسيٽ جي هڪ مشهور نيلام گهر ڊيوڪ آڪشنير ۾ ملازم هو. هن ڪٽلي ڏسي چيو ته هي چيني بادشاهه چيانگ لونگ جي دور سان تعلق رکي ٿي ۽ ان خاندان چين تي 1835 کان 1796 قبل مسيح تائين حڪومت ڪئي هئي.ڪٽلي جي اندروني بناوٽ ۾ چيني مهر سان ان ڪٽلي جي اصل هجڻ جي تصديق به ٿي آهي. ڪٽلي جي شڪل ناشپاتي جهڙي آهي ۽ ان جي ڍڪڻ تي آڙو ٺهيل آهي. ان دور ۾ آڙو کي چين ۾ مقدس سمجهيو ويندو هو. هن وقت به چين جون ڪنواريون آڙو جي وڻ مان گل چونڊينديون آهن ته جيئن انهن جو نصيب کلي سگهي. پهريان اندازو لڳايو ويو ته شايد هي ڪٽلي ڪجهه هزار ڊالرن ۾ وڪرو ٿي سگهي پر ان کان پوءِ سموري دنيا جي ماڻهن ان ۾ غير معمولي دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ ان جي ٻولي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي.ٽيليفون تي هڪ شخص 7 لک پائونڊ لڳايا جنهن کان پوءِ ٻولي جو فيصلو ٿي ويو. پر نيلام گهر جي فيس ۽ ٻيا خرچ شامل ڪري ان جي قيمت 10 لک پائونڊ کان به ٽپي وئي. ڪٽلي جي سڀني کان اهم سڃاڻپ چيني بادشاهه چيان لونگ جي مهر آهي پر ايتري قيمت تي وڪرو ٿيڻ تي ڪيترائي ماڻهو ان تي حيرت جو اظهار ڪري رهيا آهن.