اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) اسلام آباد يونائيٽڊ جي ڪپتان شاداب خان انڪشاف ڪيو آهي ته منهنجي شادي ايتي جلدي ٿي جو مونکي به يقين ناهي ايندو. مقامي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ شاداب خان شاديءَ کانپوءِ ايندڙ تبديلي جو ذڪر ڪندي چيو ته “ماني گينگ” ٺاهيو هو پر گهر واري جي اچڻ کانپوءِ انهن سان گڏ ماني کائيندو آهيان جنهن تي دوست طعنا ڏيندا آهن. هن چيو ته ڪي گهڻيون تبديليون ته نه آيو پر هاڻي ڪمري ۾ گهڻو رهڻ لڳو آهيان.