لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هي مونکي بلوچستان کڻي وڃي شهبازگل ۽ سواتي جهڙو سلوڪ ڪرڻ چاهين ٿا، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران عمران خان روسٽرم تي بيان ڏيندي چيو ته منهنجي پارٽي جو نالو ئي تحريڪ انصاف آهي، آئون ته 18 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار هئس پر هنن منهنجي گهر تي زبردستي حملو ڪيو آهي، جنهن جي تاريخ نه ٿي ملي. عمران خان چيو ته اهي مون کي وٺي سڌو بلوچستان وٺي وڃڻ چاهين ٿا، هو مون سان شهباز گل ۽ اعظم سواتي جهڙو سلوڪ ڪرڻ چاهين ٿا. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته مون تي قاتلاڻو حملو ٿيو آهي، عدالت کان هڪ ئي درخواست آهي ته اسلام آباد ڪورٽ جو ڪيس ٻي عدالت ۾ منتقل ڪيو وڃي. هن عدالت کي يقين ڏياريو ته قانون جي بالادستي تي يقين رکان ٿو، مون سڄي زندگي ڪڏهن به قانون نه ٽوڙيو آهي، گهرو وزير منهنجي زندگي کي خطري بابت خدشن جو اظهار ڪري چڪو آهي، ڪچهري عدالت جنهن هنڌ تي آهي،  اهو خطري کان خالي ناهي، گهٽين ۾ آهي، جتي اڳ به ججن تي حملا ٿيا آهن. عمران خان چيو ته اوهان مون کي بچايو آهي، جنهن تي عدالت جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، منهنجي گهر ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو اڳ ڪڏهن به ناهي ٿيو ۽ آئون بيان نٿو ڪري سگهان، شيون منهنجي هٿن مان نڪري ويون آهن، منهنجي گهر ۾ ايتري شيلنگ ڪئي وئي، جنهن جي ڪا حد ناهي، هي سڄي لڪشر سان گڏ ايئن آيا، ڄڻ ڪشمير کي فتح ڪرڻ لاءِ آيا هجن، هن چيو ته اسان جي تحريڪ ئي انصاف لاءِ آهي، مون کي 18 تاريخ تي پيش ٿيڻو هو، اهي 4 ڏينهن اڳ آيا هئا، ٻه ڀيرا مون کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اسلام آباد آيا، پوءِ لاهور ۾ مون کي گرفتار ڪرڻ آيا، اسان جا سمورا بنيادي حق لتاڙيا ويا.