دبئي (م ڊ) اڳوڻي آمر  جنرل (ر) پرويز مشرف کي ايئر ايمبولينس ذريعي جلد پاڪستان منتقل ڪرڻ جو امڪان  آهي. ذريعن موجب پرويز مشرف جي گهرڀاتين ڏيهه واپسي جي حامي ڀري آهي جنهن کانپوءِ کيس ايئر ايمبولينس ذريعي جلد پاڪستان منتقل ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پرويز مشرف سخت بيمار آهي ۽ دبئي ۾ علاج هيٺ آهي، سندس چئن سالن کان دبئي جي مقامي اسپتال ۾  علاج هلي رهيو آهي.