اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس بابت اليڪشن ڪميشن جي آيل فيصلي جو پڙاڏو، پي ٽي آءِ پاران اليڪشن ڪميشن سامهون احتجاج ڪرڻ کان چونڊيل نمائندن کي روڪڻ خلاف به احتجاج ڪيو ويو، ڪالهه سينيٽ جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي سينيٽر اعجاز چوڌري پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته پرامن احتجاج هر شهري جو حق آهي، پر اسان جي اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج جي اعلان سبب پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ ڏي ايندڙ رستا بند ڪيا ويا، اليڪشن ڪميشن وارو رستو قبرستان وانگر خاموش هيو، اتي ڪو به ماڻهو يا گاڏي نظر نه اچي رهي هئي، پر امن ماڻهن سان اهڙو رويو غير مناسب آهي، امپورٽيڊ حڪومت جڏهن کان آئي آهي ان ڪو به ڍنگ جو ڪم نه ڪيو آهي، گهرو وزير مڇن کي مروڙي ڌمڪيون ڏئي ٿو، هي آمريڪا جي خوشنودي حاصل ڪرڻ ۾ لڳل آهن، نواز ليگ اسامه بن لادن کان بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ فنڊنگ ورتي هئي، پي ٽي آءِ خلاف آيل فيصلي ۾ اليڪشن ڪمشنر غلطي ڪئي آهي، عدالت کين حڪم ڪيو هو ته پي ٽي آءِ سان گڏ پ پ پ ۽ ن ليگ جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو به فيصلو ڪيو وڃي، جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته ٻڌايو وڃي ته  ڪابل ۾ جيڪو ڊرون حملو ٿيو آهي ان ۾ پاڪستان جا هوائي اڏا ته استعمال نه ٿيا يا نه؟ ان جو جواب گهرجي، ان واقعي ۾ آءِ ايم ايف معاهدي جو ته ڪنهن قسم جو تعلق ناهي، پاڪستاني قوم آمريڪا جي غلامي ڪرڻ ۽ جهڪڻ لاءِ تيار ناهي، قوم ڀائر ملڪ خلاف استعمال ٿين جو سودو به قبول نه ڪندي، اهو به ٻڌايو وڃي ته ڪنهن فضائي حدون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪنهن جي مطالبي تي ڪيو ويو، پيپلزپارٽي جي نثار کهڙو چيو ته آمريڪا جي چوڻ تي دهشتگردي خلاف جنگ کي جنهن قبول ڪيو ان مشرف جو عمران خان ساٿي هو، ان جي غير قانوني ريفرينڊم ۾ عمران خان چيف ڪمپينين هو، اليڪشن ڪميشن سامهون ڪو ماڻهو نه هو، روڊ کليل هو، هنن ڇو احتجاج ملتوي ڪري ڇڏيو، انهيءَ اليڪشن ڪميشن پاران چونڊن کي مڃي توهان وزيراعظم جي ڪرسي تي ويٺا اڄ جڏهن خلاف فيصلو آيو آهي ته ان کي نٿا مڃيو، بهرامند تنگي چيو ته عمران خان سرٽيفائيڊ چور آهي، جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته هنن دوستن کان اليڪشن ڪميشن جو فيصلو هضم نه ٿي رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن اسٽيٽ بينڪ جي رپورٽ جي بنياد تي فيصلو ڏنو، پي ٽي آءِ جي هتي ويٺل سينيٽرن کي ته اليڪشن ڪميشن ٻاهران وڃي احتجاج ڪرڻ گهرجي ها، پر اهي به هتي ويٺا آهن، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ خلاف پي ٽي آءِ پنهنجي ڪيس کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ ڪيس داخل ڪيو، ڇا هڪ سال پهريان داخل ٿيل ڪيس ۽ 8 سال پهريان داخل ڪيل ڪيس کي برابر رکڻ گهرجي اهو انصاف آهي؟ پي ٽي آءِ جي سينيٽر زرقا سهروردي چيو ته اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج لاءِ وياسين ته عورت ايس ايچ او ۽ عورت اهلڪارن چونڊيل عورت ميمبرن کي ڌڪا ڏنا، غير مناسب لفظ استعمال ڪيا، اها حراسمينٽ آهي، مون انهن خلاف پروليج موشن جمع ڪرايو آهي، اها ڪاميٽي کي موڪلي سمورين عورت پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان ۾ ٻار سڏڪي رهيا آهن، عورتون ۽ متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، ڪٿي به حڪومت نظر نه ٿي اچي پر هر ڪنهن کي هتي اليڪشن ڪميشن جي پئي آهي، وزيراعظم ٻه ڀيرا بلوچستان ويو اهو سٺو عمل آهي پر وزيراعظم جي وڃڻ کان پوءِ بلوچستان ۾ ٿيو ڇا آهي هن ايوان جي ڪاميٽي ٺاهي بلوچستان موڪلي وڃي، اتي رڳو فوج نظر اچي ٿي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت نظر نه ٿي اچي، فوج رڳو ريسڪيو ڪري سگهي ٿي بحالي جو ڪم حڪومت کي ڪرڻو آهي، پيپلزپارٽي جي  ميان رضا رباني چيو ته 8 سالن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جو فارين فنڊنگ ۾ فيصلو سامهون آيو آهي، ان سان هڪ ڳالهه اڀري سامهون آئي آهي ته آمريڪا جي غلامي نامنظور پر آمريڪي فنڊنگ منظور آهي، اهو به سامهون آيو آهي ته سوچيل سمجهيل منصوبي تحت گوادر ۽ سي پيڪ منصوبي کي روڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي بعد ڏسڻو آهي ته حڪومت پي ٽي آءِ  خلاف ڊڪليئريشن موڪلي ٿي يا نه پر ان لاءِ ٻه رستا آهن هڪ سياسي ۽ ٻيو قانوني رستو  آهي، حڪومت آرٽيڪل 63 هڪ تحت ان فيصلي جي روشني ۾ اڳتي وڌي سگهي ٿي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾  مالي خودمختياري ۽  قومي سلامتي کي گروي رکيو ويو، انهن سازشن جي جاچ لاءِ ڪميشن قائم ٿيڻ گهرجي، پيپلز پارٽي جي پلواشا خان چيو ته پي ٽي آءِ سينيٽرن چيو ته انهن سان پوليس اهلڪارن بدتميزي ڪئي آهي هنن جي دور ۾ استادن کي ڏنڊا هنيا ويا، ريڊيو جي ملازمن کي جانورن وانگر گاڏين ۾ اڇلايو ويو، ڇا اسان خاص مخلوق آهيون. مولانا غفور حيدري عمران خان کي مرحوم وزيراعظم قرار ڏيندي چيو ته ان کي صادق امين قرار ڏنو ويو توڙي جو ان جي زندگي کي ڏٺو وڃي ته ان ۾ ڪيتريون ئي غلطيون آهن، مولانا فضل الرحمان 12 سالن کان قوم کي سمجهائي رهيو هو ته هي يهودين جو ايجنٽ ۽ قاديانين جو سهولتڪار آهي، هاڻي فيصلي واضح ڪري ڇڏيو آهي.