اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ججز بابت آڊيو ليڪس ڪميشن جي اجلاس دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته حڪومت منهنجون موڪلون خراب ڪري ڇڏيون جنهن تي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نعيم افغان چيو ته صرف اوهان اڪيلا ناهي، اسان سڀني کي به موڪلن تي وڃڻو هو. جسٽس فائز مسڪرائيندي جواب ڏنو ته آئون اڪيلو نه گهرواري سان گڏ وڃي رهيو هيس.