گهارو ٿاڻي ۾ اي ايس آءِ جو گوليون لڳل لاش هٿ

0
328

گهارو(ن پ ا) گهاروٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ اي ايس آئي علي گل چانڊيو جو گوليون لڳل لاش مليو، پوليس واقعي کي آپگھات قرار ڏئي ڇڏيو آھي, ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته علي گل چانڊيو پاڻ مٿان فائر ڪيا، کيس ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ رورل هيلٿ سينٽرنيو ويو جتي هن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو ڪيو

اي ايس آءِ علي گل چانڊيو 5 مهينا اڳ گهارو ڀرسان پوليس مقابلي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن جي شهادت واري واقعي ۽ هڪ هٿياربند جي مقابلي ۾ مارجڻ وارن ڪيسن جو فريادي هو

 

ٻاٻڙا واري علائقي ۾ زميني تڪرار واري معاملي تي پوليس جي پھچڻ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ اي ايس آءِ ۽ هڪ اهلڪار شھيد ٿي ويا هئا ۽ هڪ هٿياربند مارجي ويو هو

واقعي کانپوءِ  مبينا خودڪشي ڪندڙ ڪيس جي فريادي اي ايس آءِ علي گل چانڊيو ۽ ٻين اهلڪارن خلاف زمين جي مالڪي جي دعويٰ ڪندڙ ھڪ ڌُر پاران عدالتن ۾ مختلف ڪيس به داخل ڪيا ويا هئا

ذريعن جو چوڻ آهي ته اھڙن ڪيسن ۽ انتظامي دٻاءُ سبب اي ايس آءِ علي گل چانڊيو مسلسل پريشان رهندو هو، ايس ايڇ او گهارو ممتاز بروهي جو چوڻ آهي ته اڄ صبح دستور موجب ٿاڻي تي پھچڻ بعد کيس عدالت وڃڻو هو، هڪ ڪيس جو رڪارڊ تيار ڪرائي اسٽور روم ۾ هليو ويو، اسان ٻاهر بيٺل هئاسين ته فائر جا آواز ٿيا، ڊوڙي پهتاسين ته هُو زخمي حالت ۾ تڙپي رهيو هو

وڏي منشي موجب هُو رپورٽنگ روم ۾ موجود هو ته اي ايس آءِ اهلڪارن پاران جمع ٿيل هٿيارن وٽ پهتو ۽ اوچتو هڪ سرڪاري رائيفل کڻي جلدي ۾ ان کي ڪاڪ ڪري پاڻ تي برسٽ واري ٽائيگر کي دٻائي ڇڏيو، جنهن سبب 3 گوليون کيس سيني ۾ لڳيون

جڏھن تھ ايس ايس پي ٺٽو جو چوڻ آھي تھ واقعي جي ھر پاسي کان جاچ ڪريون پيا، مون واقعي واري ھنڌ جو معائنو ڪيو آھي، في الحال واقعي کي آپگھات نٿو چئي سگھجي