ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي نوٽيس جاري، گم ٿيل ٻه ناريون اٽلي ۾ مائٽن وٽ هئڻ جو انڪشاف، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. پوليس عدالت کي ٻڌايو ته مريم ۽ عائشه جو پتو لڳايو ويو آهي، ٻئي ڀينرون اٽلي ۾ پنهنجي مائٽن سان گڏ رهن ٿيون، پوليس موجب مريم ۽ عائشه گم ناھن ٿيون، عدالت مريم ۽ عائشه جي گمشدگي بابت درخواست اڪلائي ڇڏي. عدالت شهري بلال، شهزاد علي، نعيم الله، سيد مزمل جي بازيابي جو حڪم ڏنو. عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي نوٽيس جاري ڪندي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جڏهن ته عدالت مريم ۽ عائشه اٽلي ۾ ھئڻ بابت درخواست اڪلائي ڇڏي.