بينڪاڪ(دلچسپ نيوز) گم ٿي ويل ٻلي ڪوراڙ بلا جي پيٽ مان برآمد ٿي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ٿائلينڊ جي شهر بينڪاڪ ۾ هڪ پالتو ٻلي گم ٿي وئي. مالڪياڻي ڪانچي نرد ۽ سندس ڌي گراشيا ڳولا ڪئي،ڳولا دوارن انهن گهر۾ هڪ ڪوراڙ بلا کي ڏسي ورتو، ڪوراڙجو پيٽ ڦوڪيل ڏسي ڪانچي نرد کي شڪ ٿيو جنهن بعد انهن فوري طور وائيلڊ لائيف کاتي کي اطلاع ڪيو. اطلاع تي وائيلڊ لائيف کاتي جي ٽيم پهچي بلا کي پڪڙي ورتو، وائيلڊ لائيف عملدارن بلا جو پيٽ ڦاڙيو ته ٻلي هٿ آئي. ٻلي مئل هجڻ سبب مالڪياڻي ۽ سندس ڌي روئڻ لڳيون.