راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي گم ٿيل هيليڪاپٽر ڪِري تباهه ٿيڻ جي تصديق، ملبو هٿ، ڪور ڪمانڊر سرفراز علي سوڌو سوار سمورا 6 ئي فوجي آفيسر شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي ضلعي لسٻيلا ۾  حادثي جو شڪار ٿيل فوجي هيليڪاپٽر جو ملبو ملي ويو آهي، ان حادثي ۾ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سميت 6 ئي ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته بلوچستان ۾ برساتي ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سرگرمين ۾ شريڪ هيليڪاپٽر جو ملبو وندر جي علائقي ۾ موسيٰ ڳوٺ وٽان مليو آهي، شروعاتي جاچ موجب هي حادثو موسم جي خرابي سبب پيش آيو. هن هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد حنيف ستي ۽ انجنيئرنگ ڪور جو برگيڊيئر محمد خالد کانسواءِ عملي جا 3 ڄڻا شامل آهن، عملي ۾ پائليٽ ميجر سعيد احمد، معاون پائليٽ ميجر محمد طلحه منان ۽ نائيڪ مدثر فياض شامل آهي. آءِ ايس پي آر سومر ڏينهن ٻڌايو هو ته آرمي ايوي ايشن جو هيليڪاپٽر سومر جي شام بلوچستان جي علائقي اوٿل کان ڪراچي ويندي گم ٿي ويو هو، هيليڪاپٽر 5 وڳي 10 منٽن تي اوٿل جي علائقي مان اڏاميو، جنهن کي 6 وڳي 5 منٽن تي ڪراچي پهچڻو هو پر رستي ۾ ئي هيليڪاپٽر جو رابطو ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان ڪٽجي ويو هو. ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان رابطو ڪٽجڻ بعد هيليڪاپٽر جي ڳولا شروع ڪئي وئي هئي، ڳولا ۾ ڪالهه اڱاري ڏينهن صبح جو هيليڪاپٽر به شامل ٿيا هئا، آءِ ايس پي آر جي اعلان کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ لسٻيلا پوليس جي هڪ سينيئر پوليس آفيسر بي بي سي کي ٻڌايو ته هيليڪاپٽر جو ملبو ساڪران ۾ موسيٰ ڳوٺ جي علائقي جي هڪ پهاڙي مان مليو آهي، پوليس کانسواءِ ايف سي ۽ فوج جا اهلڪار به حادثي واري هنڌ پهتا. واضح رهي ته بلوچستان جي ضلعي لسٻيلا ۾ تازين طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب وڏي تباهي آئي آهي، ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل هجڻ ڪري سبب هزارين ماڻهو ڦاٿل آهن، جتي انتظاميه، پاڪ فوج، ايف سي ۽ نيوي اهلڪار امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺي  رهيا آهن. لسٻيله ۾ انتطاميه جي سينيئر اهلڪار ٻڌايو ته سومر ڏينهن ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي پاڻ رليف سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ پهتو هو ته جيئن ان ۾ تيزي آڻي سگهجي. هوڏانهن صدر عارف علوي، وزيراعظم شهبازشريف، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سميت اڳوڻي صدر آصف زرداري، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاران هيليڪاپٽر حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهبازشريف چيو ته بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرن جون زندگيون بچائيندي جوانن جانين جون قربانيون ڏنيون، شهيد قوم جو فخر آهن، ڌرتي شهيدن جي قرضي رهندي.