گم ٿيل شهرين جي وارثن کي 5 سال قيد جي سزا ڏيڻ واري شِق واپس

0
104
سرڪاري ملازمن جي پگهار ڪيتري وڌندي: وفاقي سرڪار اڄ نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ڪندي
سرڪاري ملازمن جي پگهار ڪيتري وڌندي: وفاقي سرڪار اڄ نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ڪندي

اسلام آباد: حڪومت گم ٿيل ماڻهن جَي وارثن کي الزام ثابت نه ڪري سگهڻ جِي صورت ۾ 5 سال قيد جي سزا ڏيڻ واري شِق واپس وٺي ڇڏي

ايم ڪيو ايم، بي اين پي مينگل، جي يو آءِ  ۽ جماعت اسلامي جِي مخالفت بعد حڪومت بل ۾ ترميم ڪري ڇڏي

قومي اسيمبلي ۾ جبري گمشدگين خلاف منظور ٿيل ترميمي بل ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن لاپتا ماڻهن جا وارث الزام ثابت نه ڪري سگهن، کين پوءِ به سزا نه ملندي

اُن کان اڳ حڪومت بل آندو هو ته جيڪڏهن گم ٿيل شهرين جا وارث الزام ثابت نه ڪري سگهندا ته 5 سال قيد ڀوڳيندا

قومي اسيمبلي ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت خلاف مذمتي ٺهراءُ به منظور ڪيو ويو آهي