ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت پوليس رپورٽ رد، آءِ جي سنڌ ۽ گهرو سيڪريٽري کان رپورٽ طلب، عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پوليس عملدارن کي عملي ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، عدالت پوليس جي رپورٽ کي اڻپورو قرار ڏيندي کين فوري طور مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏيندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن، عدالت آءِ جي سنڌ، گهرو سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، واضح رهي ته ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل شهرين جي وارثن نگينه بيگم، نذير خان، خادم حسين، صنوره بيگم، نواز علي ۽ ٻين پاران درخواستون داخل ڪرايون ويون هيون.