گمبٽ (ن پ ا) گمس سٽي اسپتال گمبٽ جي دل واري وارڊ ۾ داخل ڪنڌڪوٽ واسي پيرسن وزير احمد بيهوشي واري حالت ۾ پيل، پيرسن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، پيرسن جو وارث نه هئڻ ڪري علاج ۾ ڏکيائي. ڊاڪٽر ان سلسلي ۾ ڊيوٽي ڊاڪٽر ۽ عملي ٻڌايو ته ڪنڌڪوٽ واسي پيرسن وزير احمد گذريل ٽن ڏينهن کان گمس سٽي اسپتال جي دل واري وارڊ ۾ داخل آهي، جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. وارث نه هئڻ ڪري پيرسن جي علاج ۾ تڪليفون پيش اچي رهيون آهن. ايم ايس جو چوڻ هو ته پيرسن جو علاج ڪيو پيو وڃي، وارثن جي ڳولا جاري آهي ته جيئن اهي سندس بهتر سارسنڀال ۽ علاج ڪرائي سگهن.