سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران سال 2013 ۾ سرڪاري ادارن جا نالا رکڻ بابت ايڪٽ ذريعي ڪيل ترميم کي معطل ڪندي پير عبدالقادر شاهه جيلانيءَ جو نالو هٽائي پراڻو نالو گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز  (گمس) بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. گمس اداري تي پير عبدالقادر شاهه جو نالو رکڻ خلاف خلاف خالد حسين شيخ ۽ صفدر سهتو جي درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن طرفان رپورٽون جمع ڪرايون ويون. جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو ته اهڙيون پاليسيون نه ٺاهيو، پلاٽ 5 لک جو هجي ۽ عمارت هڪ کان 2 ڪروڙ جي هجي، پوءِ نالو ان جو رکي ڇڏجي، ان کان ڀلو آهي ته سرڪار پلاٽ پاڻ وٺي عطيو ڪري ڇڏجي. وڪيل نثار احمد ڀنڀرو مطابق عدالت حڪم ڏنو ته پير عبدالقادر شاهه جو نالو هٽائي گمس کي ساڳئي نالي سان بحال ڪيو وڃي.