گمبٽ (ن پ ا) گمس اسپتال گمبٽ ۾ ڪار پارڪنگ تان سيڪيورٽي گارڊز جو ڊرٻ ميهر شاهه واسي مريض حاجي محمد امين اڄڻ تي مبينا تشدد، مريض جي وارثن جو احتجاج، گارڊز خلاف ڪارروائيءَ جو مطالبو. تفصيل موجب گمس اسپتال گمبٽ ۾ ڪار پارڪنگ تان معاملي تان مبينا طور سيڪيورٽي گارڊز پاران مريض محمد امين کي مبينا طور تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ان سلسلي ۾ مريض جي وارث مشتاق احمد اڄڻ ٻڌايو ته محمد امين اڄڻ کي دل جي تڪليف سبب گمس اسپتال کڻي آيا سين. ڪار پارڪ ڪرڻ تان گمس اسپتال جي سيڪيورٽي گارڊن مريض ڀاءُ حاجي محمد امين اڄڻ تي تشدد ڪيو آهي، جنهن سبب ڀاءُ جا ڏند ڀڄي پيا آهن. سيڪيورٽي گارڊن ظلم ڪيوآهي، انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سيڪيورٽي گارڊن ۽ مريض جي اٽينڊنٽ ۾ ڪار پارڪنگ تان جهڙو ٿيو آهي. گارڊز ڪنهن تي به تشدد ناهي ڪيو ،مريض اسپتال داخل آهي، سندس علاج ڪيو پيو وڃي. معاملي جاچ جاري آهي.