گمس اسپتال جو پير عبدالقادر شاهه جيلاني وارو نالو هٽائي پراڻو نالو گمس بحال ڪرڻ جو حڪم

0
373
گمس اسپتال جو پير عبدالقادر شاهه جيلاني
گمس اسپتال جو پير عبدالقادر شاهه جيلاني وارو نالو هٽائي پراڻو نالو گمس بحال ڪرڻ جو حڪم

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ادارن جا نالا تبديل ڪرڻ لاءِ 2013 واري ايڪٽ ذريعي ڪيل ترميم کي معطل ڪري ڇڏيو

 گمبٽ جي گمس اسپتال جو پير عبدالقادر شاهه جيلاني وارو نالو هٽائي پراڻو نالو گمس بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي،  ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري ۽ ٻين واڳيل ادارن رپورٽس جمع ڪرايون

جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل 2 رڪني بينچ درخواست جي ٻڌڻي هلائي

جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته اهڙيون پاليسيون نه ٺاهيو جو پلاٽ 5 لک جو هجي ۽ عمارت 2 ڪروڙ جي هجي ۽ پوءِ پلاٽ جي مالڪ جو نالو لکي ڇڏيو، ان کان ڀلو آهي ته سرڪار پاڻ پلاٽ خريد ڪري، ڊونر وارو ڪانسيپٽ ئي نه هئڻ گهرجي

 عدالت پير عبدالقادر شاهه جيلاني جو نالو هٽائي گمبٽ انسٽٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جو نالو بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو

هن کي به پڙهندا

سنڌ ٻن طبقن ۾ ورهايل آهي، هڪڙا حڪمران ۽ ٻيا غلام آهن، يتيمن جي فنڊن تي سيڪريٽريز جا ٻار پڙهندا آهن: عدالت

شازيه مري جي نااهلي وارو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ منتقل