گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ شهر جي اڪثر محلن ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا، ميونسپل انتظاميا صفائي نه ڪرائي سگھي، ان حوالي سان  شهرين محمد ادريس، صفدر علي،سڪندر علي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گذريل ڪيترن ئي مهيني کان شهر ۾ صفائي ناهي ٿي رهي، جنهن ڪري شهر جي مختلف محلن مسڻ پاڙي، غريب آباد، فاروقي پاڙي، ڪسان ڪالوني، سبزي مارڪيٽ سميت ٻين محلن ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا  آهن،  هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي صفائي ڪرائي وڃي.