گمبٽ (ن پ ا) ڪنب جي ڳوٺ جانب اڄڻ جي رهواسڻ سچل بانو پنهنجي معصوم ٻچڙن کي ساڻ ڪري گمبٽ پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي مڙس حامد اڄڻ پنهنجي والد کان ملڪيت مان حصو وٺڻ لاءِ خيرپور جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي، مڙس جا مخالفن مشتاق، لطيف، مرتضيٰ، مريد، رياض ۽ بااثر وڏيرو وزير اڄڻ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي اسان جي زمين تان ڪڻڪ جي تيار 3 جريب فصل زبردستي لڻي کڻي ويا آهن ۽ منهنجي مڙس حامد اڄڻ کي بااثرن پوليس کان گرفتار ڪرائي جيل موڪلي ڇڏيو آهي، نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.