گمبٽ (ن پ ا) 6 ڏينهن اڳ برساتن سبب گمبٽ جي هندو پاڙي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب فوت ٿي ويل 3 ڄڻن  جي وارثن وٽ وڏي وزير جو خاص معاون نواب وساڻ تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي ۽ کين گهر ٺهرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نواب وساڻ چيو ته گمبٽ ۾ فوت ٿي ويل رتن ڪمار جي وارثن سان ڏک جي گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن اعلان ڪيو ته رتن ڪمار جي گهر واري کي سرڪاري نوڪري ڏيارڻ لاء وڏي وزير کي سفارش ڪندس ۽ سرڪاري خرچ تي گهر ٺهرائي ڏنو ويندو.جڏهن ته وارثن کي جلد معاوضو ڏياريو ويندو.