گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي فاروقي پاڙي ۾ هٿياربندن ڪجهه عرصو اڳ پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان کي قتل  ڪري ڇڏيو. حملي آور فرار ٿي ويا، واقعي و ڪيس داخل نه ٿي سگھيو. تفصيل موجب گمبٽ جي فاروقي پاڙي ۾ ڪجهه عرصو اڳ پسند جي شادي ڪرڻ تان هٿياربندن گوليون هڻي ڳوٺ وڏ پڳيا واسي 25 سالن جي نوجوان بخت علي خاصخيليءَ کي قتل ڪري ڇڏيو، واردات بعد جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ گمبٽ پوليس ٻڌايو ته ڪجھه وقت اڳ نوجوان بخت علي خاصخيلي گوپانگ برادريءَ جي ناريءَ سان پسند جو پرڻو ڪيو هو. گذريل ڏينهن گوپانگ برادريءَ جي هٿياربندن نوجوان کي فاروقي پاڙي ۾ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نوجوان پاڙيسرين جي گھر ۾ پناهه ورتي. ان دوران هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي پوليس کڻائي گمس اسپتال جي ريپڊ رسپانس سينٽر پهچايو. ڊاڪٽرن نوجوان بخت خاصخيلي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار فرار ٿي ويا آهن، سندن گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو.